تفصيل موجب بخشاپور ڀرسان ڳوٺ محبت خان ڀنگوار ۾ چار سالا نينگري مورزادي ولد محمد علي ڀنگوار ارڙي وگهي فوت ٿي وئي جڏهن ته ته ڳوٺ م ڪيترائي ئي معصوم ٻارڙا ارڙي جي وبا بيماري م مبتلا آهن جيڪي پرائيويٽ اسپتال م زير علاج جاري آهي هوڏانهن معصوم نينگري جي والد محمد علي ڀنگوار جو چوڻ آهي ته هفتو اڳ منهنجي ڌي کي تيز بخار نڪتو جنهن بعد اسين کيس ڊاڪٽر ڏي کڻي وياسين ڊاڪٽر چيو ته هن کي ارڙي آهي, اسين ارڙي جو علاج هلايوسين پر ڪو به فرق نه پيو, گذريل ڏينهن اسين نينگري کي سکر اسپتال کڻائي وياسين جتي هو رات فوت ٿي وئي
هن سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته ارڙي تي ضابطو آڻي معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن