وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه جي نئين ريفرنس جي لاءِ جيل ٽرائيل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت موجب توشه خانه جي نئين ريفرنس جي لاءِ جيل ٽرائيل جو پڌرنامو نيب آرڊيننس 1999 جي سيڪشن 18 بي جي تحت جاري ڪيو ويو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نيب عدالت جيڪڏهن ضروري سمجهي ٿي ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو جيل ۾ ٽرائيل ڪري. جيل ٽرائل جي نوٽيفڪيشن بابت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ٻئي طرف نيب ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن پارون جي سربراهي ۾ اڊيالا جيل پهچي وئي آهي، جڏهن ته احتساب عدالت اسلام آباد جو جج محمد علي وڙائچ به ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل پهچي ويو آهي. عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جا وڪيل خالد يوسف چوڌري، راءِ محمد علي، ايڊووڪيٽ چوڌري ظهير عباس ۽ عثمان گل به اڊيالا جيل پهچي ويا آهن. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل خالد يوسف چوڌري اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي توشه خانه جي نئين ريفرنس ۾ گرفتاري غيرقانوني آهي. ڪالهه ساڳئي ريفرنس ۾ بشريٰ بي بي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، عدالت اسان جي درخواست تي نيب کي 20 تاريخ جو نوٽيس به جاري ڪيو آهي. خالد سيف چوڌري وڌيڪ چيو ته توشه خانه جي نئين ريفرنس بابت اسان کي ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي، اسان نيب جي انهي غيرقانوني گرفتاري کي هاءِ ڪورٽ ۾ به چيلينج ڪنداسين، ياد رهي نيب گذريل ڏينهن عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي نئين توشه خانه ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.