خبر موجب : ضلعي شڪارپور مان اغوائن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو, تازي واقعي ۾ ڪرمپور ڀرسان ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان بيگاري ڪئنال وٽان ڳوٺ يار محمد بجاراڻي واسي 3 ڄڻا نواب بجاراڻي, مشتاق بجاراڻي ۽ نظير بجاراڻي هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويا نوجوان رات جو ڪرمپور مان ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن هٿيارن جي زور تي بيگاري ڪئنال وٽان کنڀي اغوا ڪري نامعلوم هنڌ کڻي فرار ٿي ويا, وارثن پاران نوجوانن جي ڳولا تي نوجوانن جا چمپل ۽ ٻيو سامان واقعي واري هنڌ بيگاري ڪئنال تان مليو, اطلاع تي نوجوانن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو, اغوا واقعي جو حد جي ناپرڪوٽ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو, اغوا جي وڌندڙ وارداتن سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي هوڏانهن ڪرمپور جي 3 مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن پاران ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري انڊس هاء تي ڌرڻو هنيو,ڪرمپور ڀرسان ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ يار محمد بجاراڻي رهواسي نوجوانن نواب بجاراڻي، مشتاق بجاراڻي ۽ نظير بجاراڻي جي اغوا خلاف وارثن پاران ضمير بجاراڻي، فقير محمد بجاراڻي، ربنواز بجاراڻي، گل حسن بجاراڻي سميت سوين ماڻهن ڪرمپور لاڙي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي مغوين جي ترت بازيابي جو مطالبو ڪيو, مظاهرين جو چوڻ هو ته مغوين جي بازيابي تائين احتجاج جاري رهندو انڊس هاءِ وي بند هجڻ سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان مسافر گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون, هوڏانهن ناپرڪوٽ پوليس علائقي جي معززين جي مدد سان ڪامياب ڳالهيون ڪري مظاهرين کان روڊ کولرائي ٽريفڪ جي رواني کي بحال ڪيو