سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري ۽ فيصلن جي امين شاهنواز خان جوڻيجو جي وڇوڙي کي 19 ورهيه وهامي ويا سندس 19 ورسي سادگي سان ملهائي پئي وڃي رپوٽ موجب سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري ۽ فيصلن جي اَمين شاهنواز خان جوڻيجي جي وڇوڙي کي 19 ورهيه وهامي ويا. ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ شاهنواز جوڻيجو جي 19 ورسي محرم الحرام جي ڪري نهايت سادگي سان ملهائي پئي وڃي قرآن خواني بعد سندس فرزند اڳوڻي ايم اين اي ۽ جي ڊي اي اڳواڻ محمد خان جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ امتياز جوڻيجو، سيد غلام نبي شاهه، حيدر ورياهه، موسيٰ نوهوجو، طالب هيسباڻي، شيرازسمون، ياسين جوڻيجو سميت ٻين مرحوم جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي ان موقعي تي مرحوم شاهنواز جوڻيجو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔ مرحوم شاهنواز جوڻيجو سياست جي شروعات مڪاني چونڊن سان ڪئي. 1988 جي چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو کي شڪست ڏيئي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ مشهوري ماڻي، شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مملڪتي وزير ٿيو۽ 1996 ۾ پ پ پ پاران کيس سينيٽر پڻ چونڊرايو ويو. شاهنواز خان جوڻيجو ضياءَ جي آمريت جي دور ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل ياتِرائُون به ڪيون۔ سندس سڃاڻپ جو حوالو سياست کان سواء راڄوڻي فيصل ۽ سنڌ جي ثقافت جي امين طور بڻيل آهي، پاڻ ڀلن گهوڙن جو شوقين به هو۔ سنڌ جي قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاء سندس اهم ڪردار هو پاڻ سنڌ جي حقن ۽ مفادن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي کيس وڇڙئي 19 سال گذري ويا آهن پر هو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾زنده آهي.