تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مھرل ناريجو ۾ عالماڻي ناريجن جي ٻن ڌرين احمد ناريجو واري ڌر جي فائرنگ ۾ پنهنجي برادري جي نوجوان رحيم بخش ولد عبدالمجيد ناريجو کي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن ته ٻڌايو وڃي ٿو احمد ناريجو واري ڌر جي الھيار ولد غلام شبير جي پٽ برسٽ ھڻي نوجوان رحيم بخش ولد عبدالمجيد ناريجو کي قتل ڪيو آهي جڏهن ته نوجوان جي گهر ۾ قھرام متل ڌرين ۽ وڌيڪ خونريزي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي