ٽنڊي آدم ۾ هر سال جيان هن سال به ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ ڪربلا حاجي شاهه بابا تي زوار زاهد حسين مري پاران ٽانڊن جو ماتم ڪرايو ويو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مومنن شرڪت ڪئي. ٽانڊن تي ماتم لاء 20 فٽ ڊگهي ۽ 3 فٽ ويڪري خندق کوٽي تيار ڪئي وئي جنهن ۾ 50 مڻ ڪاٺيون ٻاري ٽانڊا تيار ڪيا ويا ان دوران ڪلام پاڪ جي تلاوت جاري رهي، سڀ کان پهرين سيد سبب علي شاهه عرف بابو شاھ عَلم پاڪ هٿ ۾ کڻي يا حُسين جي صدائن سان ٽَانڊن تان گذر ڪيو جنهن بعد مومنن پڻ گذر ڪيو. ان موقعي تي زوار زاهد علي مري چيو ته ڪربلا جي شَھيدن جي ياد گذريل 16 سالن کان ھر سال جيان ھن سال به ڪَربلا امام بارگاھ حاجي شاهه بابا تي ٽانڊن جو ماتم ڪرايو ويندو آھي. هن چيو ته ڪربلا جو واقعو حق ۽ باطل جي جنگ هئي جنهن ۾ حق جي فتح ٿي ۽ باطل کي شڪست ملي. هن چيو ته ڪربلا جو واقعو اِيثار ۽ لازوال قُرباني جو درس ڏئي ٿو، ڪربلا جو واقعو مسلمانن لاءِ مشعل راهه آھي، اسان کي گهرجي ته حضرت امام حسين عه جي ڏسيل واٽ تي هلي انسانيت جي خدمت ڪريون. انهي ۾ اسان سڀني جي ڀلائي آھي، جڏهن ته باهه جو ماتم ڏسڻ لاءِ وڏي اسڪرين لڳائي وئي، ماتم بعد نياز ورهايو ويو. جڏهن ته سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار الرٽ رهيا. جڏهن ته ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو هتي پهچي ڊي ايس پي ٽنڊو آدم ڊاڪٽر محمد موسيٰ ابڙو سان گڏجي امام بارگاهن جو دورو ڪري سيڪيورٽي جي حوالي سان ورتل انتظامن جو جائزو ورتو ۽ شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري تفصيل معلوم ڪيا.