قاضي احمد ۾ مبينا اغوا ٿيل ناري جي بازيابي لاءِ 37 ڏينھن به احتجاج

قاضي احمد جي ڳوٺ ھاشم راھو مان 9 مھينا اڳ مبينا اغوا ٿيل ناري ثناء راھو کي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي آھي مغوي ناري جي وارثن امجد علي راهو، سونهن راهو، سريا راهو ۽ ٻين  پاران اڄ 9 مُحرم 37 ھين ڏينھن به قران شريف ۽ مغوي ناري جون تصويرون پلي ڪارڊ ھٿن ۾ کڻي قاضي احمد پوليس اسٽيشن اڳيان قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج جاري رکيو آھي ان دوران سخت نعريبازي ڪئي آھي. دوران احتجاج ۾ شريڪ وڏي انگ ۾ عورتن ٻارڙن شرڪت ڪئي. احتجاج تي ويٺل مغوي ناري جي وارثن چيو ته 37  ڏينهن کان پنھنجي نياڻي جي بازيابي لاء هن قھر جي گرمي ۾ معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاج تي ويٺل آھيون پر انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن ڪو به نوٽيس نه ورتو نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪي به ڪوششون نه ڪيون آھن هنن مطالبو ڪيو ته نياڻي ثناء راهو کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.جڏھن ته احتجاجي ڪئمپ تي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايم بي ڏاهري، شفيق لاکو، قربان علي اوٺو، سائل لاکو، غلام حيدر بالادي، محبت بالادي، ذوالفقار خاصخيلي سميت ٻيا يڪجھتي طور پهتا.