روهڙي ۾ شمع گل جو قديمي تاريخي ماتم، ياحسين جي صدائن جي گونج، لکين مومن جي عزاداري

روهڙي جي امام بارگاهه شاهه عراق مان برآمد ٿيل تاريخي شمع گل ماتمي جلوس منڊو کبڙ واري علائقي ۾ پهچي ويو 9 محرم صبح جي آذان کان پهريان بجلي بند ڪري جيئن شاهه عراق امام بارگاهه مان مشهور ۽ تاريخي زيارت”ڪربلا“ جو مک گيٽ کولي ٻاهر ڪڍي ويندي ته زيارت جي ڀرسان گڏ ٿيل ھزارين عزادار ڪلهو ڏيڻ جي اعزاز ۽ تمنا خاطر ڪربلا ڏانهن اچڻ جي جدوجهد ۾ لڳي ويندا آهن، ائين محفل شاهه ڪربلا امام بارگاهه کان اها مشهور ۽ تاريخي زيارت کڻي ڪربلا روڊ، شهزادو چوڪ کان ٿيندي منڊي کبڙ جي تائين پهچي ويو، جيڪو ڪجهه فرلانگ جو پنڌ لکن جي تعداد ۾ پهتل عزدارن جي سمنڊ سبب ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو آهي، جنهن بعد اها زيارت منڊي کبڙ وٽ 9 محرم واري ڏينھن منجهند جو 2 وڳي تائين رکي ويندي آهي. جتي هزارن جي تعداد ۾ عورتون پهچي هر سال من جو مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ دعائون ۽ باسون باسين ٿيون، جنهن کان پوءِ”ڪربلا“ (9ڍال) واري زيارت کي جيئن ئي منجھند ڌاريءَ نماز ظھر ادا ڪرڻ بعد ٻيهر کنيو وڃي ٿو ته وري صبح وارا ساڳيا منظر پيش اچي وڃن ٿا زيارت جئين ئي منجهند جو ڪجهه منٽن جو مفاصلو طئي ڪري شهزادو چوڪ وٽ پهچندي ته جتان ٻن شهزادن شهزادي علي اڪبر عه ۽ شهزادي علي اصغر عه جون روزي مبارڪ جون زيارتيون کنيون وڃن ٿيون. ائين اهي زيارتيون شاهي بازار، ڍڪ بازار پھچي وڇوڙا چوڪ وٽ شھزادا علي اڪبر ۽ شھزادا علي اصغر جون زيارتون الڳ ڪيون وڃن ٿيون جنھن کي وڇوڙو پڻ چيو ويندو آھي، تاريخي ماتمي جلوس جو سلسلو ساڳئي عقيدت احترام ۽ عوامي پيھ سان گڏ اڳتي وڌندو گجواڻي محلي کان ٿيندي ميدان ڪربلا تائين شام جو 7 وڳي تائين پهچندو، اُتي حيدر شاهه حقاني مسجد آڏو زيات کي رکي ويندي، ميدان ڪربلا ۾ پوري رات عبادت ۽ عزاداريءَ وارو سلسلو جاري رھي ٿو اھڙي ريت منجھند جو 2 وڳي 10 محرم عاشور واري ڏينھن 9 ڍال واري زيارت ٻيھر برآمد ڪئي ويندي آھي. روھڙي شھر  ۾ لکين عزادارن سبب 8 کان 10 محرم الحرام تائين ” ياحسين عه، يا حسين عه“ ، يا علي عه، يا علي عه جي نعرن سان گونجي اُٿي ٿو ۽ سينا زني جو آواز پڙاڏو بڻجي پوري روهڙي شهر ۾ ڏينھن توڙي رات جي وقت گونجهندو رهي ٿو. جڏهن ته ان زيارت واري ماتم کان پهريان شام کان وٺي صبح تائين مجلس عزا ۽ سڄي سنڌ جي مختلف علائقن کان ايندڙ انجمنون نوحا خواني ڪنديون رهن ٿيون. جڏهن ته روهڙي جي تاريخي ماتم جا حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، 8 محرم رات کان 10 ھين محرم تائين موبائيل سروس بند رکي ويندي، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج اسٽينڊ باءِ تي موجود رھندي.