نئون ديرو ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ سبب 2 ڄڻا زخمي

نئون ديرو ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو دوران فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا 2 ڄڻا زخميٿي پيا. ڦلپوٽا ڳوٺ واسي ڌر جي زخمي حنيف لاشاري ۽ شهر جي غريب آباد واسي ڌر جي لکمير لاشاري کي علاج لاءِ نئون ديرو اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد کين چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو زخمي لکمير واري ڌر جي وارث ٻڌايو ته ڦلپوٽا ڳوٺ واسي پنهنجي ئي ذات جي ماڻهن گهر تي حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ اسان جو لکمير زخمي ٿي پيو آهي. جوابدار ڌر جي ڇوڪري مائٽ سان نڪري وئي جنهن ڌر سان اسان جو ڪو تعلق ناهي پر ان جي باوجود اسان جي مٿان بيگناهه حملو ڪيو ويو آهي. پوليس موجب سڱاوتي مامري تان تڪرار ٿيو آهي جنهن تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو ۽ فائرنگ ۾ ڌرين جا 2 ڄڻا زخمي ٿيا آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.