جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل جوابدار پنهنجي سئوٽ جي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. صدر ٿاڻي جي حد خوني تلاءُ جي علائقي ۾ جوابدار عرفان مغيري پسٽل جا فائر ڪري نسيمان ۽ عبدالغفار مغيري کي قتل ڪيو. اهڙي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال آندا، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس موجب عرفان پنهنجي سئوٽ مشتاق مغيري جي زال نسيمان ۽ نوجوان عبدالغفار کي گوليون هڻي قتل ڪيو.