بنون ۾ دهشتگردن جو حملو، 8 جوان شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا

 بنون ۾ دهشتگردن جي حملي دوران آپگهاتي ڌماڪي ۾ 8 جوان شهيد ٿي ويا. (آءِ ايس پي آر) موجب 15 جولاءِ جي صبح 10 دهشتگردن بنون ڇانوڻي تي حملو ڪيو پر ان دوران سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڇانوَني ۾ داخل ٿيڻ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي، دهشتگردن بارود سان ڀريل ڪار کي ڇانوڻي جي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏيو آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي آپگهاتي ڌماڪي ۾ 8 بهادر جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز ڪليئرنس آپريشن ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا آءِ ايس پي آر موجب آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو ۽ ڀرپاسي جي انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهتو. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد، حوالدار ذال حسين، حوالدار شهزاد احمد، سپاهي اشفاق حسين، سپاهي سبحان مجيد، سپاهي امتياز خان، سپاهي ارسلان اسلم ۽ ايف سي جو لانس نائيڪ سبز علي شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جو تعلق آزاد ڪشمير جي ضلعي پونچھ، خوشاب، آزاد ڪشمير جي ضلعي نيلم، مظفرآباد آزاد ڪشمير ضلعي، ڪرڪ ضلعي، بهاولپور ضلعي ۽ لڪي مروت سان آهي. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردي جي اها بزدلاڻي ڪارروائي افغانستان مان آپريٽ ڪندڙ حافظ گل بهادر گروپ ڪئي آهي، هي گروپ ماضي ۾ به پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪندو رهيو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت اهڙن عنصرن خلاف موثر ڪارروائي ڪري، افغانستان مان ايندڙ خطرن خلاف سمورا ضروري اپاءَ ورتا ويندا، جڏهن ته هٿياربند فوج مادر وطن ۾ دهشتگردي جي هن ناسور خلاف وڙهندي ۽ ان جي عوام جو دفاع ڪندي رهندي.