مليل ڄاڻ موجب بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ محمد عمر ڀٽو ۾ گهر ٻارنهن راند ڪندي ٽيڪٽر جو ٽڪر لڳڻ سبب 8 سالا نينگر ظمير احمد پٽ قمرالدين ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن کڻائي بڊاڻي جي نجي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو