حيدرآباد، مٽياري سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ، بجلي جي فراهمي معطل

حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ڀٽ شاهه سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رات دير سان برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، پر ان سان گڏ ئي هيٺاهين وارا علائقا به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رات دير سان طوفاني برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، پاڻي روڊن تي جمع ٿيڻ سبب رهواسي اچڻ وڃڻ ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا جڏهن ته بجلي جي فراهمي معطل هجڻ سبب اتان جا رهواسي سڄي رات جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا حيدرآباد ۾ تيز برسات کان پوءِ شهر جي اهم روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو جڏهن ته 130 فيڊر ٽرپ ٿي ويا جنهن جي ڪري لطيف آباد، ٽاور مارڪيٽ، فقير جو پڙ، ڇوٽڪي گهٽي، ٽنڊو آغا، ٽنڊو ٺوڙهو، قاسم آباد، نسيم نگر ۽ ٻين علائقن جو وڏو حصو به اونداهي ۾ ٻڏي ويو. حيسڪو جا فيڊر بند هجڻ سبب شهر ۾ پاڻي جي نيڪالي جو عمل متاثر ٿي ويو آهي. ان کان علاوه  ضلعي مٽياري ۾ به رات دير سان طوفاني برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، سموري ضلعي ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي  وئي. ٻئي طرف ٽنڊوآدم، شهدادپور، سانگهڙ سميت ڀرپاسي ۾ کنوڻ سان برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو ۽ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. سانگهڙ ۾ برسات سبب موٽر سائيڪل حادثي ۾ 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا.