فيصل آباد: الٽرا سائونڊ ۾ ٽئين ڌيءَ جي نشاندهي تي مڙس ڳورهاري زال کي قتل ڪري ڇڏيو

 فيصل آباد ۾ الٽرا سائونڊ ۾ ٽئين ڌيءَ جي پيدائش جي خبر پوڻ تي مڙس ڪاوڙ ۾ اچي ڳورهاري زال کي ڏنڊن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس مقتوله عورت جي ڀاءُ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري ورتو. ايف آءِ آر جي متن موجب جوابدار نديم سجاد ٻن ڌيئرن جو پيءُ آهي جنهن جي زال ايمن فاطمه ڳورهاري هئي، الٽرا سائونڊ ڪرڻ تي خبر پئي ته ان وٽ هاڻ ٽئين ڏيءَ جي پيدائش جو امڪان آهي جنهن تي مڇرجي جوابدار زال کي سخت تشدد جو نشانو بنائي کيس قتل ڪري ڇڏيو. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار ۽ ان جي ڀيڻوئي مقتوله عورت کي ڏنڊن جا وار ڪيا جنهن سبب عورت جي حالت تمام گهڻي خراب ٿي وئي ۽ اها ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي.