تفصيل موجب ته ڳوٺ مارک ڀيو جا رھواسي ٻھ پورھيت اڪرم شيخ ۽ اسلم شيخ ڪاٺيون ڪرڻ صبح جو نائين وڳي ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ ويا ته واپس نه موٽيا۔ جنھن بعد سندن وارث سخت پريشان ٿي ويا ۽ ھنن جي ڳولھا شروع ڪري ڇڏي پر ڪٿي به سندن ڏس پتو نه مليو۔ جنھن بعد وارثن کي شڪ آھي ته کين اغوا ڪيو ويو آھي۔ مبينه گم ٿيلن جي وارث علي نواز شيخ صحافين کي ٻڌايو ته اسانکي شڪ آھي ته ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ کين ڏوھارين باندي بڻائي رکيو آھي۔ ھن چيو ته مسڪين روز ڪاٺيون ڪري شھر ۾ کپائي پنھنجو پيٽ گذر ڪندا ھئا۔ ھن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ت ٻنھي مسڪين پورھيتن کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي۔ ٻئي پاسي حد جي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي۔