پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ئي ڏينهن سج بيٺي جو نامعلوم هٿياربند ڦر جون ٻه وارڌاتون ڪري ويا

پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ئي ڏينهن سج بيٺي جو نامعلوم هٿياربند ڦر جون ٻه وارڌاتون ڪري ويا . پريالوءِ پوليس جي ڪن لاٽ . نامعلوم هٿياربند ڦورو پريالوءِ شهر جي مين بازار پنچائتي مندر وٽان پيرجوڳوٺ جي ڪنفڪشنري جي واپاري محمد حسن ابڙو کان ٻه لک روپيه روڪ رقم ڦر ڪري فرارٻئي وارڌات پريالوءِ ٿاڻي جي حد ڳاڙهي موري – پريالوءِ روڊ جهالو وٽان سکر کان پيرجوڳوٺ طرف ويندڙ ميڊيڪل ريپ ملازم علي رضا کان نامعلوم موٽرسائيڪل سوارهٿياربندن هٿيارن جي زورتي يرغمال بڻائي روڪ رقم سميت ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا هوڏانهن ڦر واقعاٿيڻ باوجود حد جي پوليس اگهور ننڊ ۾ ستل رهي .پريالوءِ ۾ بدامني وڌي وڃڻ ڪري شهرجي واپاري پريشاني ۾ پڻ مبتلا ٿي ويا . شهر جي واپارين آءِ جي سنڌ کان نوٽس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪيو