ٽائون ڪميٽي پريالوءِ جي آفيس دير سان کلڻ روز جو معمول بڻيل ٽائون چيئرمين توڙي آفيسر پنهنجي مرضي سان اچڻ سبب

پريالوءِ : ٽائون ڪميٽي پريالوءِ جي آفيس دير سان کلڻ روز جو معمول بڻيل ٽائون چيئرمين توڙي آفيسر پنهنجي مرضي سان اچڻ سبب شهر جي مسئلن ۾ گهٽتائي بجاءِ واڌارو ٿيڻ لڳو روز مره جي ڪم ڪار لاءِ ايندڙ ماڻهو سخت پريشان بلديات کاتي جي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ان حوالي سان علائقي جي ماڻهن – – جو چوڻ آهي ته پريالوءِ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين سيد جمن شاھ توڙي ٽائون آفيسر ۽ ٻين عملدارن جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب ٽائون ڪاميٽي جي آفيس دير سان کولي وڃي ٿي صبح جي وقت ڪم ڪار سان ايندڙ ماڻهون گهڻو انتظار ڪري واپس هليا وڃن ٿا چيئرمين صاحب ۽ توڙي آفيسر جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب شهر جي مسئلن ۾ گهٽتائي بجاءِ واڌارو ٿي رهيو آهي جڏهن ته هو دير سان اچڻ باوجود آفيس ۾ اچي شهر جو وزٽ ڪرڻ ۽ ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ بجاءِ پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ ۽ موبائل فون تي مصروف هوندا آهن بار بار شڪايتن جي باوجود هنن جي ڪن تي جو به نٿي چري هنن بلديات کاتي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٽائون ڪميٽي پريالوءِ جي چيئرمين توڙي آفيسرن کي پابند بڻايو وڃي ته وقت تي آفيس اچن ته جيئن شهرين جا مسئلا حل ٿي سگهن