ڪنڌڪوٽ :پاڪستان پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر ء ضلع ڪائونسل ڪشمور جي چيئرمين گل محمد جکراڻي جي اڳواڻي م سبزوئي ء بنگوار برادري جي ٻن ڌرين م جي جهيڙي جي خاتمي لاءِ منٿ ميڙ جو قافلو ڳڙهي تيغون جي سردار تيغو خان تيغاڻي وٽ پهتو قافلي م سيد محمد شاھ سيد بشير احمد شاھ سردار محمد صلاح خان گولو حافظ ربنواز چاچڙ رئيس عرض محمد چاچڙ رئيس عطا ء الله ڀٽو سخي ظاهر خان جکراڻي مير احسان خان جکراڻي رحمت خان سهرياڻي مير اعجاز خان باجڪاڻي سميت ٻيا شامل هئا ان موقعي تي سردار تيغو خان تيغاڻي پاران آيل منٿ ميڙ قافلي کي ڀليڪار ڪيو بنگوار ء سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين جي جهيڙي کي ختم ڪرڻ ڪوشش وٺندس جلد کان جلد ڌرين سان ڳالهيون ڪري تاريخ مقرر ڪنداسين ڪشمور ضلعي م قبائلي تڪرار سبب ضلعو نوگو ايريا بنجي ويو آهي جهيڙي سبب بنگوار ء سبزوئي برادري جا ماڻهو قتل ٿي ويا آهن جهيڙي سبب ٻئي ڌرين جا ڪافي نقصان پڻ ٿيو آهي ياد رهي ته قبائلي تڪرار جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوشش سان ساوند ء سندراڻي تڪرار پڻ ختم ٿي ويو آهي