9 مئي سانحو:عمران خان طرفان جي ايڇ ڪيو ٻاهران احتجاج جو اعتراف، پي ٽي آءِ اڳواڻن ترديد ڪري ڇڏي

سومر جي ڏينهن جي ايڇ ڪيو ٻاهران احتجاج جو سڏ ڏيڻ جو اعتراف ڪندڙ عمران خان ماضي ۾ نه صرف 9 مئي تي پنهنجي حامين جي احتجاج جو دفاع ڪندو رهيو آهي پر ٻيهر گرفتار ٿيڻ تي سخت عمل جو اشارو به ڏئي چڪو هو. سومر تي اڊيالا جيل جي اندر هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران خان اعتراف ڪيو ته مان پنهنجي گرفتاري کان اڳ جي ايڇ ڪيو جي ٻاهران پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو هو، هنن ماڻهن اسان جي پرامن احتجاج کي غداري بنائي ڇڏيو. هاڻ پي ٽي آءِ جا مختلف اڳواڻ عمران خان جي سومر جي ڏينهن چيل ڳالهه جي ترديد ڪري رهيا آهن پر عمران خان جي ماضي جا بيان به ظاهر ڪن ٿا ته هو 9 مئي تي پنهنجي پارٽي طرفان جي ايڇ ڪيو ۽ ٻين فوجي ٺڪاڻن جي ٻاهران احتجاج کي صحيح قرار ڏيندو رهيو آهي. 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي پرتشدد ڪاررواين جي 3 ڏينهن کان پوءِ عمران خان صحافين سان ڳالهين دوران خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن مون کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته ٻيهر کان سخت رد عمل سامهون ايندو ۽ امن امان جي ساڳئي صورتحال پيدا ٿي ويندي. 14 مئي تي شايع ٿيندڙ هڪ خبر موجب عمران خان وڌيڪ چيو هو ته پارٽي قيادت جي غير موجودگي ۾ سياسي ڪارڪن ڇڙوڇڙ ٿي ويندا آهن ۽ جيڪڏهن اسان جي اڳواڻن کي غيرقانوني طريقي سان اغوا ڪيو ويو ته اسان پرتشدد مظاهرن جو سهارو وٺي سگهون ٿا. عمران خان جي حوالي سان چيو ويو هو ته جيڪڏهن مان ٻاهر نه هوندس ته هنن ماڻهن کي احتجاج کان ڪير روڪيندو. 23 مئي 2023 تي انگريزي اخبار روزاني ڊان اخبار ۾ خبر شايع ڪئي وئي هئي ته عمران خان چيو هو ته پرامن احتجاج بنيادي حق آهي ۽ ماڻهن کي جي ايڇ ڪيو ٻاهران احتجاج ڪرڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي. 29 مئي تي عمران خان سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو پيغام ۾ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن جي 9 مئي جي احتجاج جو دفاع ڪيو هو. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو هو ته ماڻهن ڏٺو ته رينجرز(جيڪي فوجي هئا) انهن کي غيرقانوني طور تي اغوا ڪري رهيا آهن ۽ لاٺي چارج ڪري رهيا آهن. ڇا انهن ماڻهن کي پرامن احتجاج جو ڪوبه حق نه آهي ۽ جتي انهن ماڻهن کي مظاهرو ڪرڻو هو جي ايڇ ڪيو جي سامهون جتي فوج آهي، ڇانوڻين ۾ ته اهي ٻيو ڪٿي احتجاج ڪندا؟ هن زور ڀريندي چيو ته پرامن احتجاج هنن جو حق آهي، هن وڌيڪ چيو ته باهيون لڳائڻ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.