گوجرانوالا ۾ بجلي جو بل ادا ڪرڻ کان انڪار تي وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

گوجرانوالا ۾ بجلي جو بل ادا ڪرڻ کان انڪار تي وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. گرجا گهر جي رهواسي خاندان کي 30 هزار روپين کان وڌيڪ جو بجلي جو بل آيو ته گهر ۾ جهيڙو شروع ٿي پيو وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کان مطالبو ڪيو ته اهو بجلي جو بل ادا ڪري. بل ادائيگي جي آخري تاريخ تي ٻنهي ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جوابدار مرتضيٰ ننڍي ڀاءُ عمر فاروق کي خنجر جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. افسوسناڪ واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي وئي آهي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.