ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڳوٺ گل محمد گولو جي رهواسين گولا برادري جي مرد عورتن ۽ معصوم ٻارڙن ڪلام پاڪ کڻي ٽي مهينا اڳ ٻن نياڻين جي مبينا اغوا خلاف احتجاج ڪيو ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ديدار علي گولو مسمات نجما خاتون گولو شبانہ گولو رشيد گولو برڪت علي سخن علي گولو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بخشاپور ٿاڻي جي حد مان ٽي مهينا اڳ جوابدار فهميد گولو اسماعيل علي اڪبر فريد گولو عطا ﷲ گولو اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي ٻن نياڻين افيا ناز ڌيءَ ديدار گولو ۽ تيرهن سالن جي معصوم شهلا خاتون ڌيءَ رشيد گولو کي زوري اغوا ڪري کڻي ويا جنهن بعد بخشاپور ٿاڻي تي اسان جوابدارن خلاف ڪيس به درج ڪرايو جنهن مان هڪ جوابدار گرفتار به ٿيو پر پوليس چند ڏوڪڙن عيوض جوابدار کي ڇڏي ڏنو جڏهن ته اهڙي دانهن اسان پنهنجي سردار سميت علائقي جي معززين کي به ڏني پر جوابدار ڪنهن جي چئي ۾ نٿا اچن هاڻ جوابدار نياڻين جي آزادي لاء ويه کان پنجويه لک رپيا گهرن ٿا جڏهن ته جوابدارن جي پشت پناهي خان محمد علي بخش گولو ڪري رهيا آهن جيڪي جهيڙي کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهيا انهن خلاف به اسين ايس ايس پي ڪشمور سميت اعلي اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا ته جوابدارن خلاف قانوني قدم کڻي نياڻيون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو