پاڪستان اڄ سون جي اگهه ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2300 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 50 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت هڪ هزار 972 رپيا سستو بعد 2 لک 14 هزار 763 رپيا آهي. ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 43 ڊالر سستو ٿيڻ بعد 2 هزار 377 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.