جماعت اسلامي جي احتجاجي ڌرڻي سبب راولپنڊي کان اسلام آباد ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن. جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۽ پي ٽي آءِ جي احتجاج جي سڏ تي ريڊ زون ۽ راولپنڊي کان اسلام آباد ايندڙ روڊن کي ڪينٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي. راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس به بند آهي جنهن سبب مسافرن کي سخت پريشاني جي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي مقامي انتظاميه موجب، احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ به آءِ جي پي کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين ميٽرو بس سروس بند ڪئي وئي آهي. فيض آباد وٽ راولپنڊي ويندڙ روڊ ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو آهي ۽ مري روڊ تي چاندني چوڪ ۽ سڪسٿ روڊ تي ڪنٽينرز رکيا ويا آهن. جماعت اسلامي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن ۽ مهانگائي خلاف قافلو اسلام آباد ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ ڌرڻو ضرور هنيو ويندو . جماعت اسلامي جي امير نعيم الرحمان ۽ نائب امير لياقت بلوچ اسلام آباد ۾ موجود آهن، لياقت بلوچ جي گهر ڇاپي دوران ٻن ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جماعت اسلامي طرفان لاهور، گجرات، وهاڙي، سرگوڌا، حافظ آباد ۽ فيصل آباد مان ڪيترن ئي ڪارڪنن جي گرفتاري جي دعوي ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي پي ٽي طرفان عمران خان سميت گرفتار ڪارڪنن جي آزادي ۽ مهانگائي خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.