انٽربئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، انٽربئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر ست پئسا سستو ٿيڻ بعد 278.34 رپين تي بند ٿيو. ياد رهي ته انٽربئنڪ جي ڪاروباري هفتي دوران ڊالر 21 پئسا مهانگو ٿيو آهي، گذريل هفتي ڊالر جي قيمت 278 رپيا ۽ 13 پئسا هئي.