ڪنگري جي ڪچي ۾ جوڻيجا،ڪلهوڙا ،راشدي ۽ ڀٽا برداري وچ ۾ هلندڙ زميني تڪرار جو جرڳو. مجموعي طور تي ٽن خونن، زخمين ۽ فصل جي ٿيل نقصان جو 3 ڪروڙ 54 لک روپيا ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي وئي. ڌريون کير کنڊ. علائقي ۾ خوشي جي لهر تفصيل موجب ڪنگري جي ڪچي واري ديهه نئون ديرو ۾ زمين جي معاملي تان جوڻيجا، ڪلهوڙا، راشدي ۽ ڀٽا برادري ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو درگاھ پيرڳوٺ ۾ ٿي گذريو نبيري ۾ معظم خان عباسي، اظهر ڪماريو، امير بخش ڀٽو، عابد جتوئي، عبدالحق ڀرچونڊي، رياض چانڊيو،مير شمشاد خان سندراڻي ، نجم علي ڪماريو شرڪت ڪئي. جهيڙيندڙ ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ مجموعي طور تي ڌرين مٿان 3 ڪروڙ 54 لک روپيا ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي وئي آهي جرڳي ۾ ڀٽا برادري جي ٻن خونن هڪ زخمي ۽ فصل جو نقصان ثابت ٿيڻ تي جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برداري مٿان 2 ڪروڙ 25 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته ڪلهوڙا برداري جي هڪ خون ۽ ٽن زخمين جو ڀٽا برادري مٿان 34 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جهيڙي دوران فائرنگ ۽ فصلن کي باهيون ڏيڻ سبب سيد زمان شاه جي ٿيل نقصان جو ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادري مٿان 95 لک روپيا ڏنڊ جي پڻ فتوا ٻڌائي وئي جڏهن ته ٿڌو پڻ بخش ڪرائڻ جو جوڻيجن ۽ ڪلهوڙن کي پاپند بڻايو ويو. جڏهن ته جهيڙي واري زمين جو سرڪاري طور ڌنگ ڪيو ويندو. اهڙي طرح جهيڙيندڙ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. جنهن بعد علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.