تنگواڻي لڳ نامعلوم هٿياربندن جو تنگواڻي کان سکر ويندڙ مسافر وين کان روڪ رقم موبائيل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا

تنگواڻي لڳ نامعلوم هٿياربندن جو تنگواڻي کان سکر ويندڙ مسافر وين کان روڪ رقم موبائيل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا پوليس خاموش بڻيل مسافرن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڪشمور پولیس روڊن تان غائب ڏينهن ڏٺي جو هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا پوليس کي اطلاع ڏيڻ جي باوجود نه پهتي آهي مظاهرين مليل ڄاڻ موجب ته تنگواڻي لڳ جمال ٿاڻي جي حد تنگواڻي ء غوثپور لنڪ روڊ پير جان باجڪاڻي وٽ نامعلوم هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو سرعام روڊن تي نڪري آيا تنگواڻي کان سکر ويندڙ مسافر وين کي هٿيارن جي زور تي روڪي ورتو ء هٿيارن جي زور تي مسافرن کان روڪ رقم موبائيل فون ء ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي مسافرن جو تنگواڻي ء غوثپور لنڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته نامعلوم هٿياربندن سرعام روڊن تي نڪري آيا آهن پولیس روڊن تي ويٺل هوندي به سرعام ڦر ڪري ويا آهن پولیس خاموش بڻيل آهي اسان ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ڪيو ٿا ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي