تفصيل موجب :. سکر جي مقامي هوٽل ۾سيپڪو گھوٽڪي جي 2024 جي لاءِ اليڪشن ڪرائي وئي جنھن ۾گھوٽڪي زونل چيئرمين جاوید حسین عباسي. جنرل سيڪريٽري ربنواز ڪلوڙ. وائس چيئرمين محمد سلیم سمیجو. ۽جوائنٽ سيڪريٽري عبدالخالق بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا. ان موقعي تي نون چونڊجي آيل سمورن عھديدارن عزم ڪيو ته سمورن واپڊا ملازمن جا جائز مسئلن کي اولين ترجيح تي حل ڪيو ويندو ۽انھن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو. ان موقعي تي سکر ڊويزن جي سمورن ضلعن جي آفيسرن سميت واپڊا جي ملازمن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.