پيرجوڳوٺ جي انصاري محلا جو رهواسي نينگر گذريل 15 ڏينهن کان پر اسرار نموني گم ڳولها باوجود هٿ نه اچي سگهيو سندس وارث سخت پريشان تفصيل موجب پيرجوڳوٺ جي انصاري محلا جو رهواسي 14 سالا نينگر آصف ولد محبوب علي ڀٽو جيڪو گذريل 15 ڏينهن کان پر اسرار نموني گم ٿي ويو آهي جيڪو گهڻي ڳولها باوجود هٿ نه اچي سگهيو آهي ان حوالي سان گم ٿيل نينگر آصف ڀٽو جي والد محبوب علي ڀٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ گهران شهر لاءِ نڪتو هو ته واپس نه آيو آهي جنهن جي گهڻي ڳولها ڪئي آهي پر سندس ڪٿي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن بابت پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو آهي هن چيو ته پٽ جي گم ٿيڻ سبب سڀ گهر ڀاتي سخت پريشان ٿي ويا آهيو هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ جي ڳولها ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي