گجرات ۾ نامعلوم ماڻهو پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر کي اينٽي ڪرپشن جي حراست مان کڻي فرار ٿي ويا. سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن آفتاب حيدر موجب گجرات جي علائقي شاديوال روڊ تي ڪار سوار ماڻهن گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن کان پوءِ جوابدارن پي ٽي آءِ ايم اين اي امتياز چوڌري کي کڻي فرار ٿي ويا سرڪل آفيسر ٻڌايو آهي ته امتياز چوڌري کي اينٽي ڪرپشن جي ٽيم منڊي بهاءُالدين وڃي رهيا هئا، آفتاب حيدر موجب اينٽي ڪرپشن امتياز چوڌري کي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني ريمانڊ ورتو هو جڏهن ته کيس اڄ ٻيهر سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪرڻو هو. پي ٽي آءِ اڳواڻ امتياز چوڌري کي 25 جولاءِ تي انهي جي گهر مان گرفتار ڪيو ويو هو، سندس مٿان ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪڪ بيڪس جي وصولي جو الزام آهي.