سانگهڙ پوليس ٻن ڌار ڌار مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سانگهڙ پوليس ٻن ڌار ڌار مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب چوٽياريون ٿاڻي حد ۾ لٽڪو موري وٽ پوليس گشت دوران ڦورن پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن تي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ نواز بگٽي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جنهن وٽان هڪ ٽي ٽي پستول ۽ موٽرسائيڪل برآمد ڪيو ويو آهي، ٻيو واقعي ۾ پوليس  جهول ٿاڻي حد ۾ مبينا ڏوهارين سان مقابلي دوران صدام بگٽي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن وٽان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ موٽرسائيڪل برآمد ٿي آهي. هوڏانهن سانگهڙ پوليس موجب زخمي حالت گرفتار ٿيل ٻنهي  ڦورون ڳوٺ گلزار احمد بڙدي واسي  مال جي واپاري علي گل بڙدي کي ڪجھ ڏينهن اڳ ڦر دوران گوليون هڻي  قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس چوٽياريون ٿاڻي تي داخل آهي ڦورون علي گل بڙدي کي  قتل ڪرڻ جو اعتراڻ پڻ ڪيو آهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته  زخمي ڦورون تي ضلعي سانگهڙ ۾ ڦر داڙا چوري جهڙن جا ڪيس داخل آهن.