ملڪ اندر مهانگائي جو طوفان نا اهل حڪمرانن جي غلط پاليسن جي ڪري ٿي آهي بجلي جي ڳرن بلن عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي اهڙن خيالن جو اظهار مير اصغر خان چاچڙ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته بجلي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري سولر جي ڪاروبار کي حڪومت هٿي ڏيڻ چاهي ٿي هن چيو ته ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو امن تڏهن ممڪن آهي جڏهن گرينڊ آپريشن ڏوهارين خلاف ٿيندو اسان چاچڙ برادري سميت علائقي جي هر ماڻهو جي حفاظت ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهون ٿا ڏوهاري ماڻهن جو ڪو دين درهم نه آهي هو غريب پورهيت کي اغوا ڪري انهن کان ڀنگ طلب ڪن ٿا جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي مير اصغر خان چاچڙ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪشمور ضلعي کي کنڊرات ۾ تبديل ڪرڻ جا ذميوار تر جا چونڊيل نمائندا آهن منهنجي ڳوٺ جو مين رستي جو ٽڪي جو به ڪم نه ٿيو ۽ ٺيڪيدار پيسا به هڙپ ڪري ويو عوام کي هاڻ سجاڳ ٿيڻ گهرجي هو پنهنجا حق کسي به وٺن.