سنڌ جي ٻين شھرن جيان ڪنڌرا ۾ ب موسون جي برسات شروع ، گذريل 15 ڪلاڪن کان ڪڏهن هلڪي ت ڪڏهن تيز برسات پوڻ جوسلسلو جاري آھي ، ٽائون ڪنڌرا جي مختلف وارڊن جي رستن چونڪن ، چوراهن ، تي پاڻي تلائن جا ڏيک ڏيڻ لڳو ، جڏهن ت موسميات کاتي پاران موسون جي اڳمي ئي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي پر ٽائون انتظاميا پاران ڪوب تحرڪ ن ورتو ويو ، نالين وغيره جي صفائي ن هئڻ سب پاڻي تلائن جا ڏيک ڏيڻ لڳو آھي ، جڏهن ت مسلسل برسات سبب کجين جي فصل (باغن ) کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي ، ڪيترائي پڙ پاڻي هيٺ ، تيار ٿيل کارڪون ۽ پڪل ڇونهارن کي پڻ نقصان رسيو آھي جنهن سبب آبادگار سخت پريشان آھن ،