پوليس اهلڪار لکمير اوڏ مٿان ڪشمور جي ذولفقار شاھ محلا ۾ ڏوهارين جو هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ء انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني پوليس اهلڪار لکمير اوڏ گهر کان پنهجي پُٽ سان گڏ ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته 4 کان وڌيڪ ھٿياربندن سندس گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب لکمير اوڏ ۽ سندس پٽ سخت زخمي ٿي پيو اهڙو اطلاع ٿاڻي تي ڏنو ويو ڪشمور ضلعي پوليس نفري پويان جن کي فوري طور تي ڪشمور سول اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران کيس رحيم يار خان ڏانهن ريفر ڪيو لکمير اوڏ جو پٽ برڪت اوڏ عرف ديوان زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو اهڙي واقعي بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ٿي ويا آهن