پريالوءِ ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري

پريالوءِ ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري مختلف پاڙن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهر جي روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو مسلسل برسات جو وسڪارو پوڻ سبب کجين جي فصل کي پڻ سخت نقصان رسيو کجيون جا آبادگار پڻ سخت پريشان. وقفي وقفي سان برسات پوڻ ڪري الفاروق ڪالوني ،ميمڻ محلہ، نوھاڻي محلہ، جي پاڙي سميت سڄي شهر ۾ برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿيو جنھن ڪري شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن شهرين جو چوڻ آهي ته موسميات کاتي پاران برسات جي اڳڪٿي ڪرڻ باوجود ٽائون انتظاميا پريالوءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو جنهن ڪري برساتي پاڻي بيهڻ سبب سخت پريشان آهيون جڏهن ته ٽن ڏينهن کان بجلي جو نظام پڻ درهم برهم بڻيل