سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اُميد جي گهنٽي وڄائي پڪوڙن جو مطالبو ڪندڙ جماعت اسلامي ڪارڪن جي خواهش پوري ڪري ڇڏي. ترجمان موجب سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس جي ٻاهران ئي تازه پڪوڙا ٺهرائي ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين ۾ ورهايا جنهن تي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌ جي گورنر جو ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين مهمان آهن انهن جي خدمت جاري رهندي. هن چيو ته مظاهرين ڪشمير تي ڀارت جي ظلمن خلاف آواز بلند ڪندا ۽ آگسٽ جي مهيني کي ملڪ ۾ يڪجهتي جي طور تي ملهائيندا. ياد رهي ته ان کان اڳ مهانگائي ۽ بجلي جي ڳرن بلن خلاف ڪراچي ۾ گورنر هائوس جي ٻاهران جماعت اسلامي جي ڌرڻي دوران دلچسپ صورتحال ڏسڻ لاءِ ملي جڏهن جماعت اسلامي جي ڪارڪنن گورنر هائوس ۾ لڳل فرياد جي گهنٽي وڄائي شڪايت ڪئي ته سنڌ جي گورنر برسات دوران پڪوڙا کارائڻ جو واعدو ڪيو هو پر اڃان تائين پڪوڙا نه مليا آهن. ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي هاڻ پڪوڙا ملي ويا، ان سان گڏ ئي گذريل ڏينهن صبح جو گورنر طرفان ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين کي چانهه پراٺي جو ناشتو ڪرايو ويو. ٻئي طرف مظاهرين جي فرمائش تي انهن کي پيش ڪيل منرل واٽر جي پرڏيهي برانڊ جون بوتلون واپس ورتيون ويون ۽ پاڪستاني برانڊ جو منرل واٽر ڏنو ويو. ان کان اڳ گذريل رات ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين جي نالي پيغام ۾ سنڌ جي گورنر چيو هو ته گورنر هائوس جا دروازا عوام جي لاءِ کليل آهن. بجلي جي بلن جي ستايل مظاهرين کي سنڌ جي گورنر آءِ ٽي سينٽر ۾ رات گذارڻ جي آڇ به ڪئي ۽ چيو ته اتي اي سي لڳل آهن اوهان کي گرمي به نه لڳندي.