بنگلاديش ۾ سول نافرماني جي تحريڪ جاري، فوتين جو انگ وڌي 300 ٿي ويو

 بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن ۾ چڪرين دوران مارجي ويلن جو گڏيل انگ گهٽ ۾ گهٽ 300 ٿي ويو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اهو انگ پوليس اهلڪارن ۽ اسپتالن جي ڊاڪٽرن جي رپورٽن تي ٻڌل آهي. مظاهرن جي شروعات سومر تي ٻيهر ٿيندي. جڏهن ته راڄڌاني ڍاڪا ۾ فوجين ۽ پوليس جي ڳري  مقرري اهم روڊن تي گشت ڪري رهي آهي، وزيراعظم شيخ حسينه جي آفيس ڏانهن ويندڙ رستن تي به رنڊڪون بيهاريون ويون آهن. گذريل ڏينهن بنگلاديش ۾ شاگردن جي گروپ طرفان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي وئي هئي جنهن جي پهرين ئي ڏينهن پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪرين دوران 91 ڄڻن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ملڪ ۾ ڪرفيو لڳايو ويو هو. 91 فوتگيون بنگلاديش جي  تاريخ ۾ ڪنهن به احتجاج يا مظاهري دوران هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀني کان وڌيڪ فوتگيون آهن جيڪي انهي کان اڳ سڀني کان وڌيڪ تازو ئي ڪوٽه سسٽم جي خلاف ٿيندڙ احتجاج جي موقعي تي  ٿيون هيون. جنهن ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ 67 ڄڻا مارجي ويا هئا. وزيراعظم حسينه واجد نيشنل سيڪيورٽي پينل جي اجلاس کان پوءِ ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ شاگرد نه پر دهشتگرد آهن جيڪي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻاهر نڪتا آهن. 4 آگسٽ تي بنگلاديش ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ملڪ ۾ جاري پرتشدد واقعن کي نظر ۾ رکندي بنگلاديش جي نگراني هيٺ پاڪستاني شاگرد کي پنهنجن ڪمرن تائين محدود رهڻ ۽ موجوده صورتحال کان پاڻ کي ڌار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.