پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ امير بخش کنڊ ۾ ھڪ سال اڳ ھٿياربندن ھٿان گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ٿيل شھيد صحافي غلام اصغر کنڊ جي پھرين ورسي (اڄ) سادگي سان ملھائي ويندي رپورٽ موجب پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ امير بخش کنڊ ۾ ھڪ سال اڳ ھٿياربندن ھٿان گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ٿيل احمدپور جي سينيئر صحافي شھيد غلام اصغر کنڊ جي پھرين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ 7 آگسٽ اربع جي ڏينهن تي شام جو 6 بجي انتھائي سادگي سان ملھائي ويندي جنهن ۾ شھيد صحافي جي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪرائڻ بعد کيس ڏنل صحافتي ذميوارين تي روشني وڌي ويندي جنهن کانپوءِ وارثن سان گڏ پريس ڪلب احمدپور ۽ ٻين پريس ڪلبن جي صحافين پاران درگاھ پير شھبازي تي پھچي شھيد صحافي غلام اصغر کنڊ ۽ شھيد صحافي مشتاق کنڊ جي مزارن تي چادر چاڙهي سندن مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري ويندي، ياد رھي ته ھڪ سال گذرڻ باوجود به شھيد صحافي جي وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي نه ئي سندس قتل واري ڪيس ۾ دھشتگردي وارو قلم لڳايو ويو آهي ٻئي طرف شھيد صحافي جي وارثن کي بااثرن پاران موتمار ڌمڪيون ڏئي ڪيس تان هٿ کڻائڻ ۽ زبردستي فيصلو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ پڻ وڌو پيو وڃي،