پريالوءِ ۾ مڙهي ڪالوني جي رهواسين جو ٽائون انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو . تفصيل موجب پريالوءِ جي مڙهي ڪالوني مان برسات ۽ نالين جو ڪنو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڪالوني جي رهواسين سرور ڀٽو . امتياز گلال . عبدارشيد مهر . ڊاڪٽرخالد عباسي جي اڳواڻي ۾ ٽائون انتظاميه پريالوءِ خلاف احتجاج ڪندي چيوته اسان جي ڪالوني ۾ گذريل 4 ڏينهن کان برسات جو پاڻي ٽائون انتظاميه نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي جنهن ڪري اسان جي دوڪانن اڳيان برسات ۽ نالين جو ڪنو پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري اسان جي ڪاروبارسخت متاثر پيو ٿئي هنن وڌيڪ داهيندي چيوته اسان پنهنجي ڪالوني مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ چيئرمين سيد جمن شاهه کي به چيو پر هن مهل تائين چيئرمين اسان جي ڪالوني مان پاڻي نيڪال نه پيوڪرائي جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون هنن اختيارين کان نوٽس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪيو