مسجد نبوي جو امام فضيلته الشيخ ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير 7 ڏينهن جي خير سگالي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب مذهبي معاملن واري وزير چوڌري سالڪ حسين، سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي، مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ذوالفقار حيدر معزز مهمان جو استقبال ڪيو. مسجد نبوي جو امام فيصل مسجد ۾ جمعي جي نماز پڙهائنيدو. امام مسجد نبوي ڊاڪٽر صلاح بن محمدالبدير پنهنجي 7 ڏينهن جي خير سگالي دوري جي دوران صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو. ٻئي پاسي معزز مهمان سان پاڪستاني عالم به ملاقاتون ڪندا.