سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري ڪراچي جي لانڍي ويئر ھائوس ۾ ڪتابن جي ورھاست دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران 9 ڏينهن اندر سنڌ جي 17 ضلعن ۾ درسي ڪتاب پهچايا ويا آهن، سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي خاص هدايتن تي سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ کان اڳ ئي درسي ڪتاب پهچائڻ لاءِ ادارو پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهي. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ تعلقي سطح تي درسي ڪتاب پهچائڻ لاءِ 31 جولائي کان شروع ٿيندڙ مهم جي 9 ڏينهن اندر ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمد خان، مٽياري، دادو، ڪشمور، ٺٽو، ملير، اتر ڪراچي، اوڀر ڪراچي، ڏکڻ ڪراچي، ڪورنگي، ڪياماڙي، سينٽرل ڪراچي، جيڪب آباد، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ درسي ڪتاب پهچايا ويا آهن، جڏهن ته رهيل ضلعن اندر پڻ اسڪول کلڻ کان اڳ ڪتاب پهچايا ويندا. ھن سنڌ جي ضلعي ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کي گذارش ڪندي چيو ته هو پنهنجن پنهنجن ضلعن ۽ تعلقن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ڏنل نصابي ڪتابن جي جلد کان جلد ورهاست ڪري ان جي رپورٽ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ انتظاميا وٽ جمع ڪرائين. عبدالعليم لاشاري جو چوڻ هو ته اسان سنڌ سرڪار ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي ” پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ ” واري عزم جو ورجاءُ ڪندي چاهيون ٿا ته سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندڙ هر ٻار وٽ ڪتاب هجن ۽ هو مفت ۽ معياري تعليم پرائي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪتاب مارڪيٽ ۾ دستياب آھن، اسان پنھنجون ٽيمون جوڙيون آھن، جيڪي تعلقي سطح تي رپورٽون جمع ڪرائينديون. هن صحافين کي اپيل ڪندي چيو ته درسي ڪتاب ورهائڻ واري ڪم ۾ اسان جو ساٿ ڏين . ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته اسان پھرين ڪلاس کان وٺي ٻارھين ڪلاس تائين مارڪيٽ جي ڪتابن تي ھڪ خاص اسٽيڪر لڳايو آھي، جنھن ذريعي اسان جعلي ڪتاب روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھيون.