ٽي ڏينھن اڳ شھر جي مکي پاڙي ۾ اسڪول کان واپس گھر موٽندي تيز رفتار موٽر سائيڪل جي ٽڪر لڳڻ سبب زخمي ٿيل ستن ورھين جي نينگري نورالنساء ڌي امتياز شيخ زخمن جا سور نه سھندي اڄ فوت ٿي ويئي۔ نينگري جي وارثن پاران فوتي نينگري جو سول اسپتال ڪنڌڪوٽ ۾ پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو۔ سندس گھر ۾ ماتم پکڙيل آھي۔ رپورٽر پاران رابطي ڪرڻ تي نينگري جي وارث فوجي اربيلو شيخ ٻڌايو ته نينگري کي ٽي ڏينھن اڳ گھر ٻاھران گھٽي ۾ تيز رفتار موٽر سائيڪل جو ٽڪر لڳو ھيو جنھن ۾ سندس دماغ کي ڳجھو ڌڪ لڳي ويو جنھن سبب ھو ا سٽ نه سھندي فوت ٿي ويئي۔ٻئي پاسي غوثپور پوليس وارثن جي فرياد تي مبينه جوابدار کي سوگھو ڪري ورتو۔ آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي۔ رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته فوتي نينگري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪيس داخل ڪيو ويندو