ڪنڌڪوٽ جي رھواسي ممتاز علي لاشاري کان ھٿيارن جي زور تي چار لک روپيه روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ: شھر جي مئن شاھي بازار ۾ ڏينھن ڏٺي جو موٽر سائيڪل تي سوار ٽن ٻٽ ٻڌل ھٿياربندن ڪنڌڪوٽ جي رھواسي ممتاز علي لاشاري کان ھٿيارن جي زور تي چار لک روپيه روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا۔ مزاحمت ڪرڻ تي کيس پسٽل جا ڌڪ ھڻي زخمي ڪيو ويو۔ رابطي ڪرڻ تي ممتاز لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته ڪنڌڪوٽ واسي آھيان ۽ ڪنڌڪوٽ جي ھول سيل ميڊيڪل جي ڊسٽري بيوٽر ۽ ھندو واپاري موتي رام جي دوڪان تي ملازمت ڪندو آھيان۔ اڄ جيئن ئي دوائون سپلائي ڪري اوڳاڙي پئي ڪئي ته شھر جي مئن شاھي بازار ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٽن ٻٽ ٻڌل ھٿياربندن پسٽل ڏيکاري مون کان چار لک جي لڳ ڀڳ روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ويا۔ ٻئي پاسي اطلاع بعد حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي۔ جڏھين ته شھر ۾ خوف پکڙجي ويو۔ ٻئي پاسي ميڊيڪل ائسوسيئشن جي اڳواڻ ناارئڻ ناز۔ انجنيئر لال۔ فدا ملڪ ۔ لکمي چند ۽ ٻين ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته ترت ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ڏني وڃي۔