ٺڪراٺو: ٿاڻو مبارڪپور جي حد ۾ چورين جو آزار وڌي ويو هر روز چوريون معمول بڻجي ويون

ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ روز بروز چورين جي وارداتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي گذريل رات ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ حاجي سانوڻ سوڍو مان  نامعلوم چورن ڳوٺ ٻاهران لڳل بجلي جو ٽرانسفارمر لاھي ان مان قيمتي ڪوئلون , تيل ۽ ٻيوسامان چورائي فرار ٿي ويا گذريل ڪجھ مهينن کان سيپڪو خانپور مهر تي مقرر ٿيل ايس ڊي او طابش پنجابي پاران مبارڪپور گرڊ مان تمام نڪرندڙ فيڊرن جي بجلي رات جو صرف هڪ ڪلاڪ هلائڻ جي ڪري به چورين ۾ اضافو پڻ ٿيو آهي هتان جي علائقي واسين چونڊيل پ پ جي ايم اين اي سيد خورشيد شاھ ۽ چونڊيل ايم پي اي ڄام اڪرام ڌاريجو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن علائقي ۾ چورين جو آزار گهٽجي سگهي هوڏانهن ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي سکر کان پڻ مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي ڪري مبارڪپور ٿاڻو جي حد مان چورين جو آزار ختم ڪرايو وڃي