بي ايل ايف ۾ ڏار پئجي ويا، گهربل دهشتگرد شمبين پنهنجي ئي ساٿي هٿان مارجي ويو

 بلوچستان لبريشن فرنٽ(بي ايل ايف) جو انتهائي گهربل دهشتگرد شمبين عرف شهڪ پنهنجي ئي ساٿي هٿان مارجي ويو. ذريعن موجب بلوچستان لبريشن فرنٽ(بي ايل ايف) م پوندڙ ڏار جا اهم ڪارڻ سامهون اچي ويا آهن. ڀارتي فنڊنگ سان قائم دهشتگرد گروپ بي ايل ايف جو اهم اڳواڻ شمبين عرف شهڪ کي پنهنجي ئي ساٿي قتل ڪري ڇڏيو. شمبين عرف شهڪ بي ايل ايف جو اهم ترين ڪمانڊر هو جيڪو ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث رهيو. بي ايل ايف ۽ ٻين ڀارتي فنڊنگ سان بنجندڙ دهشتگرد گروپن ۾ فنڊنگ ۽ اختيارن جي جنگ شدت اختيار ڪري چڪي آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته شمبين عرف شهڪ فورسز تي حملن ۽ هٿيار اڇليندڙ پراڻن ساٿين جي قتل ۾ به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هو. شمبين عرف شهڪ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ڪيترن ئي حملن ۾ سڌو سنئون ملوث رهيو آهي.