سولنگي برادري جي هٿياربندن بيگناھ حملو ڪري اسان جو نوجوان قتل ڪرڻ سان گڏ 4 ڄڻڻ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران پوليس جي موجودگي ۾ سولنگي برادري جي هٿياربندن عورتن تي تشدد ڪري سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون آهن ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوانن جو قتل ڪيس داخل نه ٿو ڪيو وڃي مقتول نوجوان شهزور جاگيراڻي جي وارثن جي پريس ڪانفرنس دوران دانهون ان حوالي سان جاگيراڻي برادري جي محمد مٺل جاگيراڻي عبدالستار جاگيراڻي انعام جاگيراڻي جاگيراڻي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن زمين تي ڪم ڪرڻ دوران سولنگي برادري جي هٿياربندن جديد هٿيارن سان حملو ڪري اسان جي نوجوان شهزور جاگيراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته هنن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب جاگيراڻي برادري جون ٻه ڇوڪريون ۽ هڪ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو هو هنن الزام هڻندي چيو ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران سولنگي برادري جي هٿياربندن پوليس سامهون جاگيراڻي برادري جي عورتن ۽ ويگن ڊرائيور محمد مٺل جاگيراڻي مٿان بدترين تشدد ڪيو جنهن ۾ مٺل جاگيراڻي کي مرڻينگ حالت ۾ ڦٽي ڪري فرار ٿي ويا پر ان باوجود پوليس تماشو ڏسندي رهي هنن چيو ته هن وقت تائين پوليس نوجوان شهزور جاگيراڻي جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان شهزور جاگيراڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي