سکر جي سينيئر صحافي ڪي بي شيخ، ڪامران شاه کي مبارڪباد ڏيندي هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس تعلق روهڙي سان آهي ۽ ڪيترن ئي سالن کان اتي غريبن جي خدمت ڪري رهيو آهيان، ان ڪري مان ڪوشش ڪندس ته ڊسپينسري کي چالو ڪيو وڃي ۽ مون کي خبر آهي ته ڪٿي ڪٿي ڪم جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته مان مقامي ماڻهو آهيان ان ڪري مسئلن کي پهرين ترجيحي بنيادن تي حل ڪندس، روهڙي، ڪنڌرا، صالح پٽ، اروڙ، پنوعاقل ۽ ٻين علائقن ۾ پوليو آفيسر جي حيثيت سان ڪيترائي سال ڪم ڪيو آهي.