ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات موسم خوشگوار ٿي ويو، بجلي جي فراهمي بند

موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان پوءِ ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات کان پوءِ موم خوشگوار ٿي ويو آهي، موسميات کاتي سڀاڻي به تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. اڄ صبح کان ڪراچي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي، جڏهن ته روڊن تي برسات جو پاڻي بيهجڻ سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي حيدرآباد ۾ قاسم آباد، لطيف آباد، ڇوٽڪي گهٽڪي، ٽاور مارڪيٽ ۽ ٻين علائقن ۾ برسات کان پوءِ پاڻي بيهجي ويو آهي، برسات سبب بجلي جو نظام به ڊانواڊول ٿي ويو آهي. موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ سانوڻي برساتن جو اسپيل 25 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، ان دوران سنڌ ۽ پنجاب ج مختلف ضلعن ۾ کنوڻ سان برسات پئجي سگهي ٿي.