پريالوءِ بارشن سبب الرا جاگير بچاء بند کي مختلف هنڌن تان 5 کان 10 فٽن تائين روڻون پئجي ويون

پريالوءِ (رپورٽر) بارشن سبب الرا جاگير بچاء بند کي مختلف هنڌن تان 5 کان 10 فٽن تائين روڻون پئجي ويون آهن پر ان جي باوجود هن محل تائين بيلدار کان ويندي انجنيئر تائين ڪوبه آبپاشي عملدار بند ٿي نه پهتو آهي جنھن تي علائقي واسين کي ڳڻتي ظاهر ڪندي علائقي جي سياسي سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته جنهن طريقي سان ٻوڏ جو پاڻي تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ آبپاشي عملدارن جي ڪن لاٽار ۽ نااهلي کي ڏسندي بچاء بند ٽٽڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ان سلسلي ۾ سڄاڻ ڌرين طرفان اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو ته آبپاشي عملدارن جي نااهليءَ جو نوٽيس وٺي الرا جاگير بچاء بند جون روڻيون بند ڪري رات ڏينهن بند جي نگراني شروع ڪئي وڃي ته جيئن ڪنھن به اڻ وڻندڙ صورت حال کان بچي سگهجي