ملازم پاران پاڪ ڪتاب آئل مشين جي واپسيءَ لاءِ علائقي ۾ گهمايو ويو،تفصيل موجب پريالوءِ لڳ ڳوٺ الهوڌايو بڙديءَ مان نامعلوم چور پبلڪ هيلٿ پاران ڏنل گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي آئل بيڪو مشين ڪمري جا تالا ڪٽي چوري ڪري ويا ٿاڻي تي اطلاع،سرڪاري ملازم مقرر ٿيل آپريٽر شير علي بڙديءَ پاران آئل مشين واپسيءَ لاءِ علائقي جي در در وڃين پاڪ ڪتاب گهمايو ۽ سرڪار پاران ڏنل آئل بيڪو مشين جي واپسيءَ لاءِ التجا ڪندو رهيو. ياد رهي ته ڪجه ڏينهن اڳ به هڪ بيڪو آئل مشين ڄاڻايل ڊسپوزل تان چوري ٿي هئي جيڪا اڄ تائين واپس ناهي ٿي پوليس هن وقت تائين ڪجه ناهي ڪيو. ۽ اڄ ٻئي مشين به چوري ٿي وئي، جنهن سبب ڊرنينج جو سسٽم درهم برهم بڻجي ويو آھي ۽ ڳوٺ ۾ نالين جو پاڻي ڪاهي پيو آھي،