گهوٽڪي ڀرسان موٽر وي ايم فائيو تي بس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر، 8 ڄڻا فوت، 7 زخمي

گهوٽڪي ۾ اوٻاوڙو ڀرسان بس ۽ ٽرالر وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 مسافر فوت جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا آهن. موٽر وي پوليس موجب حادثي جو شڪار بس پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته گهوٽڪي جي علائقي اوٻاوڙو ڀرسان موٽر وي ايم فائيو تي حادثو پيش آيو، فوت ٿي ويلن ۾ 2 عورتون ۽ 2 ٻار به شامل آهن. اختيارين موجب حادثي ۾ سمورن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، موٽر وي پوليس موجب برسات سبب ريسڪيو ڪرڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. موٽر وي موجب موجب لاشن ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مسافر بس جي ملبي ۽ ٽرالر کي رياسٽ ايريا منتقل ڪيو پيو وڃي.